SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Open Door

(click word to listen sound
  • 🔊
  • oupən
  • door
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Open Door

اوپن ڊور

کُليل نيتي

ڪنهن به مُلڪ ۾ اُتان جي عوام ۽ ٻين مُلڪن جي عوام کي هڪجهڙيون اقتصادي رعايتون ۽ موقعا فراهم ڪرڻ ۽ ڪنهن به فرد يا رياست کي خصوصي مراعتون ڏيڻ واري نيتيءَ کي هن اصطلاح هيٺ بيان ڪيو ويندو آهي. هيءَ پاليسي خاص طور آمريڪا طرفان چين جي سلسلي ۾ اختيار ڪئي وئي. 1899ع ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير ’جان ملٽن هي‘ (John Milton Hay) جي مشاهدن تي ٻڌل هن پاليسيءَ ۾ سڀني ڌُرين، خاص ڪري برطانيا، فرانس، جرمني، اٽلي، جاپان ۽ روس کي واپار جي ڏس ۾ چين سان (آمريڪا طرفان پاڻ سميت) سڀني کي هڪجيترا موقعا فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو هو. ڇاڪاڻ جو آمريڪا محسوس ڪيو ته چين سان واپار ۾، سندس شين تي سامونڊي ۽ ريلوائي محصولن سميت ٻين معاملن ۾ امتيازي ورتاءُ ڪندي وڌيڪ سخت شرط رکيا پئي ويا. جنهن سان آمريڪي مُفادن کي نقصان پهچڻ جو انديشو هو، ڇاڪاڻ ته اهو ئي دور هُئو، جنهن ۾ آمريڪا پنهنجي سرحدن کان ٻاهر نڪري، دُنيا ۾ ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو هو. ڪي حلقا هن پاليسيءَ کي آمريڪا طرفان اختيار ڪيل ”جديد قسم جي بيٺڪيت“ سان ڀيٽين ٿا. ان تسلسل ۾ Open Door جو اصطلاح ”آمريڪي پرڏيهي پاليسيءَ جي الميي“ (1959ع) جي حوالي سان ’وليم ائپلمن وليمس‘ جي لکيل مقالي Open Door Thesis سان به منسوب ڪيو وڃي ٿو. وليمس جو چوڻ هو ته Open Door پاليسي دراصل آمريڪي ڦهلاءَ پسندي ۽ سلطنت قائم ڪرڻ واري هَوس جي ڏس ۾ بُنيادي قدم ثابت ٿي.


Related words with: Open Door


Remember Me Also:

تڏو وسائڻ

اباڻو گهر آباد ڪرڻ. وڏن جو ويڙهو وسائڻ. پيءُ ڏاڏي جي روايت کي زنده رکڻ. گهر ۾ ويهي اباڻو ڌنڌو اختيار ڪرڻ. اباڻي ڌنڌي کي پوريءَ طرح هلائڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal